اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر ٻن مهينن اندر قائم ڪرڻ ج?? هدايت ??ئي آهي، ??لڪ جي سڀني ايمرجنسي هيلپ لائين نمبرن کي نئين نظام سان ڳنڍيو ويندو، ڪنهن به اوچتي صورتحال ۾ شهري نيشنل هيلپ لائين نمبر جي ذريعي فوري مدد حاصل ڪري سگهندا، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب موٽر وي سانحي جي ڏس ۾ وزيراعظم عمران خان وڏو فيصلو ڪندي نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين قائم ڪرڻ ج?? هدايت ??ئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ پي ايم ڊليوري يونٽ کي اهم ٽاسڪ سونپيو ويو آهي، ??ي ايم ڊليوري يونٽ نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر تي ڪم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، ??يشنل ايمرجنسي هيلپ لائين جي لاءِ ڌار نظام جوڙيو ويندو، ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ سڄي ملڪ جي لاءِ هڪ ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر هوندو، وزيراعظم نيشنل هيلپ لائين نمبر جي قيام کي ٻن مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ ج?? هدايت ??ئي آهي. وزيراعظم آفيس موجب ملڪ جي سڀني ايمرجنسي هيلپ لائين نمبرن کي نئين نظام سان ڳنڍيو ويندو. نيشنل ايمرجنسي هيلپ لائين نمبر ٽول فري هوندو، نيشنل هيلپ لائين نمبر سان ڪنهن به اوچتي صورتحال ۾ شهري جي فوري مدد ممڪن ٿيندي، ??ئين سسٽم ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي ملڪ جي سڀني موبائيل ڪمپنين کان مدد حاصل ??ئي ويندي ۽ نظام کي موثر ۽ مستحڪم بڻائڻ ج?? لاءِ قانونسازي ??ئي ويندي. ان سلسلي ۾ قانونسازي جي لاءِ صوبن سان به مشاورت ٿيندي.