اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سياچن ??ال??ه به اسان جو هو ۽ اڄ به اسان جو آهي، اسان جي منزل سري نگر ان خواب جي تعبير آهي جيڪو قائداعظم ڏٺو هو. نئون سياسي نقشو جاري ڪرڻ جي موقع?? تي پرڏيهي وزير حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ??ين??ي چيو ته اڄ جاري ڪيل نئون نقشو پاڪستان جو نقشو هوندو، وفاقي ڪابينا نئين سياسي نقشي جي باقاعده منظوري ڏني آهي جڏهن ته نئون سرڪاري نقشو پاڪستاني قوم جي ترجماني ڪري ٿو. نقشي ۾ لائن آف ڪنٽرول کي واضح طور تي ڏيکاريو ويو جڏهن ته نئين نقشي ۾ سياچن کي پاڪستان جو علائقو ڏيکاريو ويو آهي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير هاڻي پاڪستان جي نقشي جو ح??و آهن. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي جاگرافيائ?? حدن جو تعين ڪري ڇڏيو آهي. اڄ کانپوءِ اهو نقشو سڄي ملڪ ۾ استعمال ٿيندو.