لاهور – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چي?? آهي ته نواز شريف جي بيماري جو نالو اقتدار کان دوري آهي جيڪا لاعلاج آهي، هن وقت (ن) جي قيادت ۾ ڏڪار ۽ زبان بندي جي موسم آيل آهي، مريم نواز خبر نه آهي ڪهڙي مصلحت ج?? شڪار آهي ۽ سندس آواز قوم کي ٻڌڻ ۾ نه اچي رهي?? آهي. مينار پاڪستان جي تحريڪ انصاف وچ پنجاب جي تنظيمي ڪنوينشن ۾ شرڪت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته لاهور ۾ وچ پنجاب جي ڪارڪنن جو تنظيمي ڪنوين??ن پاڪستان جي مضبوطي، استحڪام ۽ ڳڙيل سڙيل نظام مان ڇوٽڪارو حاصل ڪ??ڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو واضح اظهار آهي.