اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چ??و آهي ته اسان کي پنهنجي قوم تي فخر آهي جيڪا اڀرڻ جي لاءِ تيار آه??، پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن دهشتگردي جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو ۽ ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ امن جو پيغام ڏنو، اڄ هندستان مذهبي ۽ نسلي بنيادن تي انتشار جو شڪار آهي، موجوده حالتن ٻه قومي نظريي تي ٺپو هڻي ڇڏيو آه??، پاڪستاني هزارين سالن جي قديم تهذيب جا وارث آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ پاڪستانيت جي موضوع تي ڪ??اب جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.