گڏيل قومون-16 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي صحت بابت اداري (ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن) جي ڊائريڪٽر جنرل ٽيڊروس ازهانوم گيبريئس چيو آهي ته غزه جي شفا اسپتال تي اسرائيلي فوجي ??مل?? جي خبر انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، اسپتال ميدان ??نگ ناهي، سوشل ميڊيا پليٽ فار?? ايڪ?? تي اسرائيلي فوجين جي شفا اسپتال تي ??مل?? جي مذمت ڪندي هن چيو ته اسان ??بي عملي ۽ مريضن جي حفاظت بابت فڪرمند آهيون ڇاڪاڻ ته اسپتال جي عملي سان ??ندن رابطو ٻيهر ختم ٿي ويو آهي. ٻئي طرف گڏيل قومن جي انساني معاملن ۽ هنگامي امداد بابت انڊر سيڪريٽري جنرل مارٽن گريفٿس ايڪ?? تي جاري پوسٽ ۾ چيو ته هو شفا اسپتال (غزه ۾) تي فوجي ??مل?? سان ڊنل آهن، اسپتال ميدان ??نگ ناهي، هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته تازا ڄاول ٻار، مريض، طبي عملي ۽ سمورن شهرين جي تحفظ کي ٻين سمورن خدشن تي ترجيح ڏيڻ گهرجي.