اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ کي عدم استحڪام جي ور چاڙهڻ جا ڪڌا ارادا ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندا، دهشتگردي ۽ نفرت انگيز تقريرون برداشت جوڳيون نه آهن، پوري قوم بدامني پکيڙيندڙ عنصرن کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ متحد آهي، دهشتگرد عنصرن کي عبرت جو مثال بڻائڻ جي لاءِ ڪيسن جي ??يزي سان فيصلن جي ??رورت آهي. وزيراعظم عمران خان جي ??دارت ۾ نيشنل ايڪشن پلان (نيپ) بابت ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. ايپڪس ڪميٽي پشاور حملي جي ??خت مذمت ڪئي ۽ حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي لاءِ تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت دهشتگردن جي لاءِ زيرو ٽالرنس رکي ٿي ۽ دهشتگرد عنصرن کي عبرت جو نشان بڻائڻ جي لاءِ ڪيس فوري اڪلائڻ جي ??رورت آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دهشتگردي جي ??طري کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ قومي ايڪشن پلان جي گهڻ رخي موقف سان گڏ لاڳو ڪرڻ جي ??رورت آهي. هن مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فعال قدم کڻڻ جي ??رورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته ملڪ کي عدم استحڪام جي ور چاڙهڻ جا ڪڌا ارادا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا ڇو ته پوري قوم دهشتگردي جي لع??ت کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ متحد آهي. هن چيو ته عوام کي احساس آهي ته مختلف عنصر فرقيواريت ۽ نفرت انگيز تقريرن جي ??نياد تي انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر رياست اهڙن ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. ايپڪس ڪميٽي دهشتگردي جي ??اتمي وارن ادارن جي ??لاحيت وڌائڻ ۽ دهشتگردي جي ??اتمي لاءِ ضروري قدمن کي ٺوس بڻائڻ جي لاءِ نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) جي ڪردار کي مضبوط بڻائڻ جي ??رورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي به روشني وڌي وئي ته صوبن کي سائنسي ٽيڪنڪ اختيار ڪري ۽ جديد فرانزڪ ليبز قائم ڪري موثر جاچ جي لاءِ وڌيڪ وسيلا رکڻ جي ??رورت آهي. عدالتن ۾ دهشتگردي جي ڪيسن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي ??رورت تي زور ڏنو ويو. گهرو ڊويزن جي ??يڪريٽري قومي ايڪشن پلان لاڳو ڪرڻ جي ??ورتحال بابت تفصيلي بريفنگ ڏني جنهن ۾ دهشتگردي جي مالي معاو??ت کي روڪڻ، پرتشدد انتهاپسندي جو مقابلو ڪرڻ، دهشتگردي جي ڪيسن جي ??اچ ۽ پراسيڪيوشن، عسڪريت پسندي جي ??لاف عدم برداشت، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ??لاحيت ۾ اضافي، مدرسن جي ??يگيوليشن ۽ رجسٽريشن جا قدم شامل آهن. فاٽا جي ??ڳوڻن علائقن جو انضمام، فوجداري نظام انصاف ۾ سڌارن، فرقيوار??ڻي دهشتگردي جو خاتمو، اسمگلنگ، منشيات ۽ انساني اسمگلنگ جي ??وڪٿام، بلوچستان ۾ مفاهمتي عمل ۽ پناهگيرن بابت مسئلا شامل آهن. اجلاس کي بريفنگ ڏني وئي ته پلان جي گهڻن نقطن تي اطمينان جوڳو عملدرآمد ٿيو آهي جڏهن ته بين الصوبائي مسئلن جي لاءِ صوبائي حڪومتن کان تعاون گهربل آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن چوڌري فواد حسين، شيخ رشيد احمد، اسد عمر، قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو، گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد، چيف سيڪريٽرين، انسپيڪٽر جنرلز آف پوليس ۽ سينيئر سول ۽ ملٽري آفيسرن شرڪت ڪئي.