اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمنڊ پار پا??ستا??ي اسان جو قيمتي اثاثو آهن، ملڪ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ انهن جي ت??ربي مان فائدو کڻڻ جي پوري ڪوشش ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن سي ڊي اي ??ي ت??ويز ڪيل عالمي معيار جي هائوسنگ منصوبي، اوورسيز انڪليو اسلام آباد بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان پنهنجي 90 لک سمنڊ پار پا??ستانين کي معاشي ت??قي جي عمل ۾ شامل ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پا??ستا??ي اسان جو قيمتي اثاثو آهن، اسان ملڪ ۾ روزگار جا موقعا ۽ آمدني وڌائڻ جي لاءِ انهن جي م??ار?? ۽ خدمتن مان فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. ان کان اڳ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سي ڊي اي ??سلام آباد ۾ هڪ اهم جڳهه تي اٽڪل 6000 اپارٽمينٽس جو ڪلسٽر تيار ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي رهي آهي جتي اٽڪل 35000 ماڻهن کي عالمي معيار جي رهائش جي سهولت حاصل ٿيندي، اهو منصوبو مڪل طور تي پائيدار ۽ انتهائي محفوظ هوندو ۽ سمورن سمنڊ پار پا??ستاني سيڙپڪارن کي پرڪشش واڪ جي سهولت حاصل هوندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ان تجويز ڪيل هائوسنگ اپارٽمينٽس جي اعليٰ معيار جي ت??مير، تيز رفتار پڄاڻي ۽ مسابقتي قيمتن جي ت??ين کي يقيني بڻائين ته جيئن سمنڊ پار پا??ستانين پاران انهن کي سيڙپڪاري جي لاءِ پرڪشش بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ وزيراعظم جي اوورسيز واري خاص معاون سيد طارق محمود الحسن، نئون پا??ستان هائوسنگ اينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، سي ڊي اي چيئرمين عامر علي احمد ۽ ٻين لاڳاپيل سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته سي اي ??و اربن ڊيولپمينٽ اٿارٽي عمران امين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.