اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) اطل??عا?? ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مسيحي برادري جي ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان جي قيام جو وڏو مقصد اقليتن جي حقن جو تحفظ هو، قائداعطم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع تي آئين ساز اسيمبلي کي خطاب ۾ واضح ڪيو هو ته پاڪستان جي رياست ۾ اقليتن جي حقن کي م??مل تحفظ حاصل هوندو. اي پي پي جي اهتمام هيٺ ڪرسمس جي تقريب کي خطاب ڪندي اطل??عا?? واري وفاقي وزير چيو ته ڪرسمس جي دلچسپ ۽ زبردست تاريخ آهي، هر نئين صدي ۾ ڪرسمس ۾ نوان رنگ ڀرجندا ويا، ڪرسمس کي سدائين خوشين جو ڏڻ تصور ڪيو ويندو آهي، هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مسيحي برادري جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان جي مس??قبل ۾ اقليتن جي ڪردار کي وڌيڪ ساراهيو ويندو، هن چيو ته اهڙي طرح جي تقريبن جو انع??اد ان لاءِ به ضروري آهي ته ماڻهن کي ٻڌائي سگهجي ته رياست ۾ سڀني اقليتن جا ماڻهو شامل آهن. اطل??عا?? واري وزير اطل??عا?? واري وزارت ۽ اي پي پي ۾ ڪرسمس جي تقريب جي انع??اد کي ساراهيندي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي خوشين جي مبارڪباد پيش ڪئي. ان موقعي تي اطل??عا?? واري وفاقي وزير ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ مسيحي ملازمن ۾ سوويئنرز به ورهايا، تقريب ۾ اطل??عا?? واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، اي پي پي جي مينيجنگ ڊائريڪٽر مبشر حسين، انفارميشن سروس اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر جنرل سيد جاويد، اي پي پي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر عديله رباب، مسيحي ملازمن ۽ سندن گهرڀاتين سميت ٻيا به موجود هئا.