اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان، ايران سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، عالمي برادري افغان شهرين کي درپيش معاشي ۽ انساني بحران مان ڪڍڻ لاءِ ٺ??س قدم کڻي، پاڪستان، افغانستان جي واپاري ۽ سرحدي چرپر ۾ سهولتن جي فراهمي جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهي. اها ڳالهه هن تهران ۾ ايراني هم منصب ڊاڪٽر حسين امير عبداللهيان سان ملاقات دوران چئي. افغانستان جي لاءِ خصوصي نمائندو ايمبيسڊر محمد صادق ۽ ايران م مقرر پاڪستاني سفير رحيم حيات قريشي پن پرڏيهي وزير سان گڏ هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ملاقات دوران ٻنهي پ??ڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي ت??او?? جي فروغ سميت اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان، ايران سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو ۽ انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ايران جي اعليٰ قيادت پاران ڪشمير مسئلي تي پ??ڪستان جي اصولي موقف جي مسلسل تائيد ۽ حمايت تي ايراني پ??ڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانسدتان سمورن پاڙيسري ملڪن جي لاءِ هڪ جهڙي اهميت رکي ٿو. 21 آڪٽوبر تي ڪيڪل پنهنجي ڪابل جي دوري جو حوالو ڏيندي پ??ڏيهي وزير عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها افغان شهرين کي درپيش معاشي ۽ انساني بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ ٺ??س قدم کڻي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان لي پ??واري ۽ سرحدي چرپر ۾ سهولتن جي فراهمي جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايراني پ??ڏيهي وزير پاڪستان پاران شروع ڪيل علائقائي هڪمت عملي جي جوڙجڪ جي قدمن کي ساراهيندي ايران جي ميزباني ۾ منعقد افغانستان جي پ??ڙيسري ملڪن جي ٻئي وزارتي اجلاس ۾ شرڪت تي پ??ڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا. ايراني پ??ڏيهي وزير ڊاڪٽر حسين امير عبداللهيان پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ سندس وفد جي مان ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو.