اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت بلوچ نوجوانن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن ت?? قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال سان ڳالهائيندي ڪي?? جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي بلوچستان پيڪيج تحت جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪي?? ويو. وزيراعظم عمران خان چيو ته بلوچستان جي ترقي، حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. حڪومت بلوچستان لاءِ تاريخي پيڪيج جو اعلان ڪي??. هن چيو ته بلوچستان جي افرادي قوت ملڪ جو اصل ثاثو آهي، حڪومت بلوچ نوجوانن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن ت?? قدم کڻي رهي آهي.