اسلام آب??د ?? 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پاڪستان جي مشهور ڪاميڊي ڪنگ عمر شريف جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. عمر شريف سڄي دنيا ۾ ملڪ جو نالو روشن ڪيو سندس لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به ڀرجي سگهندو. سينيٽ چيئرمين د??ا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ درجا بل??د فرمائي ۽ ڏکويل خاندان کي اهو صدمو صبر ۽ حوصلي سان برداشت جي توفيق عطا فرمائي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سينيٽر مر??ا محمد آفريدي، سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم، سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني پڻ عمر شريف جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پنهنجي جدا جدا تعزيتي پيغامن ۾ الله تعاليٰ کان مرحوم جي مغفرت ۽ درجن جي بل??دي لاءِ د??ا ڪئي.