اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تعليم ??ان گڏوگڏ پيشيوراڻي تربيت ۽ هنر جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليم ??ان گڏوگڏ هنر سکڻ به ضروري آهي، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزارت مختلف هنرن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اهڙي طرح هڪجهڙي تعليمي نصاب جي حوالي ??ان به وزارت اهم ڪردار ادا ڪيو، بدلجندڙ گهرجن جي موجب روزگار جي ڳولا ۽ ان روزگار موجب نوجوانن کي تيار ڪرڻ ا??ان جي لاءِ اهميت رکندڙ آهي، تعليم واري وفاقي وزارت ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي مارڪيٽ جي بنياد تي تعليم ۽ تربيت جي فراهمي لاءِ قدمن جو سلسلو جاري رکڻ گهرجي. هن اها ڳالهه هتي نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪامياب جوان پروگرام تحت هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۾ راندين ۽ هڪجهڙين نصابي سرگرمين ۾ خصوصي ڊويزن جي قيام جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت ??ان خطاب ڪندي چئي. خصوصي ڊويزن تحت مختلف يونيورسٽين ۾ ڪامياب جوان پروگرام جي تعاون ??ان راندين ۽ هڪجهڙين نصابي سرگرمين کي فروغ ڏيڻ لاءِ پنج خصوصي پروگرام شروع ڪيا ويندا. صدر تعليم ??ان گڏوگڏ پيشيوراڻي تربيت ۽ هنر جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته تعليم ??ان گڏوگڏ لاڳاپيل هنر کي سکڻ به ضروري آهي ۽ ان ??ان معاشري کي فائدو پهچندو آهي. هن چيو ته تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزارت مختلف هنرن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اهڙي طرح هڪجهڙي تعليمي نصاب جي حوالي ??ان به وزارت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هڪجهڙو تعليمي نصاب صرف پي ٽي آءِ جو نه پر ٻين پارٽين جو به نعرو هو تنهن هوندي به موجوده حڪومت ان نعري کي عملي جامو پارائڻ تي ڪم ڪيو. صدر چيو ته ڪامياب جوان پروگرام جي حوالي ??ان عثمان ڊار جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، اس??ول??، ڪاليجن ۽ تعليمي ادارن ۾ راندين ۽ هڪجهِڙي نصابي سرگرمين ج?? فرُوغ ضروري آهي. ان ??ان پاڪستان وٽ عالمي معيار موجب رانديگر سامهون اچي سگهن ٿا. صدر ڪئريئر ڪائونسلنگ جي ضرورت تي به زور ڏنو ۽ چيو ته هن وقت سڄي دنيا ۾ ملازمتن جي نوعيت بدلجي رهي آهي، بدلجندڙ گهرجن موجب روزگار جي ڳولا ۽ ان روزگار موجب نوجوانن کي تيار ڪرڻ ا??ان لاءِ اهميت رکندڙ آهي، تعليم واري وفاقي وزارت ۽ هائير ايجوڪيشن کي مارڪيٽ جي بنياد تي تعليم ۽ تربيت جي فراهمي لاءِ قدمن جو سلسلو جاري رکڻ گهرجي ان ??ان گڏوگڏ تعليمي معيار کي به بهتر بڻائڻ ضروري آهي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن ان حوالي ??ان يونيورسٽين کي رهنمائي فراهم ڪري سگهي ٿي. صدر چيو ته جيڪڏهن مارڪيٽ جي رفتار ۽ ملازمتن جي حوالي ??ان منصوبابندي نه ڪئي وئي ته ان ??ان ا??ان کي نقصان ٿيندو.