اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بحريه ??ونيورسٽي جي مشن ۽ ويزن کي جديد دو?? جي گهرجن موجب هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته يونيورسٽين ۾ آن لائن تعليم ۽ تحقيق ۽ ترقي تي خاص ڌيان ڏيندي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذه??نت جهڙن شعبن ۾ نوجوانن کي تيار ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن بحريه ??ونيورسٽي جي حوالي سان هڪ بريفنگ دو??ان ڪيو. بحريه ??ونيورسٽي جي ريڪٽر وائيس ايڊمرل (ر) ڪليم شوڪت صدر کي يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين بابت بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ صدر کي يونيورسٽي جي تعليمي سرگرمين، شعبن ۽ اعليٰ تعليم جي فراهمي ۾ يونيورسٽي جي ڪردار بابت آگاهه ڪيو. صدر معياري اعليٰ تعليم جي فروغ جي حوالي سان بحريه ??ونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو، ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مارڪيٽ جي ضرورتن موجب گريجوئيٽس تيار ڪيا وڃن. صدر چيو ته يونيورسٽي جي مشن ۽ ويزن کي جديد دو?? جي گهرجن موجب هم آهنگ ڪرڻ جي ضرورت آهي، يونيورسٽيون آءِ ٽي، مصنوعي ذه??نت جهڙن شعبن ۾ نوجوانن کي تيار ڪن. هن چيو ته يونيورسٽين ۾ آن لائن تعليم ۽ تحقيق ۽ ترقي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.