اسلام آباد – 09 ̵1; م??ي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حڪومت عدالتي فيصلن جو احترام ڪري ٿي جڏهن ته شهباز شريف جي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي اجازت جي خلاف اپيل جو حق استعمال ڪندا??ين?? 20 سالن ۾ شريف فيملي ڦرلٽ ڪري اربين ڊالر جون ملڪيتون ٺاهيون، شريف فيملي ۾ ٻار بعد ۾ پيدا ٿئي ٿو پر اپارٽمينٽ اڳ ۾ ان جي نالي هوندو آهي، قانون نواز شريف فيملي ۽ عام ماڻهن جي لاءِ برابر هجڻ گهرجي، ننڍن چورن کي به وڏن ??ورن جهڙا حق ملڻ گهرجن، ڪرپشن جي خلاف اها جدوجهد عمران خان جي نه پوري معاشري جي آهي، هر اداري کي ان ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اسان ته اميد ڪري رهيا هئاسين ته نيب ۽ عدالت شهباز شريف جي نواز شريف جي گارنٽي جو پڇندا ته هيستائين هو واپس ڇو نه آيو پر شهباز شريف جي هڪ ئي ڏينهن ۾ درخواست جو داخل ٿيڻ، نوٽيس ٿيڻ، پراسيڪيوشن کي نه ٻڌو ويو ۽ فوري فيصلو ٿي وڃي ٿو. هو پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ احتساب ۽ گهرو معاملن وار?? صلاحڪار شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.