اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان چيو آهي ته سفير کي ڪڍڻ ۽ فرانس سان لاڳاپا ختم ڪرڻ سان فرانس جو ڪ??هه نه بگڙجندو، يورپي ۽ اولهه ملڪ ناموس رسالت صه جي معاملي کي اظهار جي آزا??ي جو مسئلو سمجهن ٿا، فرانس کانپوءِ اسان ٻئي ڪهڙي ملڪ جي سفير کي واپس موڪلينداسين، 50 اسلامي ملڪن مان ڪٿي به اهڙي قسم جا مظاهرا نه ٿيا نه ڪنهن سفير کي واپس موڪليو، مسلمان دنيا کي گڏجي اولهه کي سمجهائڻو پوندو ته اهو اظهار جي آزا??ي جو مسئل?? نه آهي، آئون ان جي ذميواري کڻان ٿو ۽ ان مهم جي قيادت ڪندس، گذريل هفتي جي صورتحال سان ملڪ جو تمام گهڻو نقصان ٿيو، ٻاهر جا دشمن به ان صورتحال ۾ شامل ٿي ويا، 4 لک ٽوئيٽس مان 70 سيڪڙو جعلي اڪائونٽس تان ڪيا ويا، ڀارت جعلي ويب سائيٽن ذريعي پروپئگنڊه ڪري رهيو آهي، (ن) ليگ ۽ مولانا فضل الرحمان جي پارٽي به حڪومت کي نقصان پهچائڻ لاءِ گڏجي ويا. پا??ستان ٽيليويزن تي قوم کي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عم??ان خان چيو ته گذريل هفتي دوران افسوسناڪ حالتون پيش آيون.