اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بحري معا??لن واري وزارت تي ملڪي ماهيگيري جي وسيلن کي بچائڻ لاءِ قدم کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته گهڻي ماهيگيري سان ان شعبي کي شديد خطرا درپيش آهن، پائيدار ماهيگيري جي فروغ لاءِ غير ق??نوني ۽ ضابطي کانسواءِ ماهيگيري جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اطهار هن هڪ بريفنگ دوران ڪيو. بحري معا??لن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي اونهين پاڻي ۾ ماهيگيري جي تجويز ڪيل پاليسي تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي بحري معا??لن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، بحري معا??لن واري وزارت جو سيڪريٽري رضوان احمد ۽ ٻيا اڳواڻ ??ه موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته بحري معا??لن واري وزارت ملڪي ماهيگري جي وسيلن کي بچائڻ لاءِ قدم کڻي. گهڻي ماهيگيري سان ان شعبي کي شديد خطرا درپيش آهن، هن چيو ته پائيدار ماهيگيري جي فروغ لاءِ غير ق??نوني ۽ ضابطي کانسواءِ ماهيگيري جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي، ماهيگيري جي شعبي جي ترقي جو مقصد پرڏيهي ناڻو ۽ ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي.