اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو آهي ته وزيراعظم عم??ان خان بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن جي 3 رڪني ڪميٽي سان ملاقات ڪئي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته اها ڪميٽي گذريل مهيني ڌرڻو هڻندڙ 13 خاندانن جي نمائند??ي ڪري رهي آهي، وزيراعظم عم??ان خان ان موقعي تي پنهنجي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان کي ٽاسڪ ڏنو ته هو فوري طور تي انهن گم ٿيل ماڻهن جي درست صورتحال معلوم ڪري. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڪميٽي کي اڳڀرائي کان آگاهه رکي?? ويندو.