اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته براڊشيٽ معاملي تي پهرين ئي وزيراعظم عمران خان انڪوائري ڪميٽي ٺاهي چڪو آهي، جيڪا 45 ڏينهن ۾ انڪوائري مڪمل ڪندي. هو ق??مي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف جي صدارت ۾ پ??رليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿي??. و??اق?? وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته انڪوائري رپورٽ اطلاعات واري ڪميٽي سان شيئر ڪئي ويندي، و??اق?? وزير چيو ته براڊشيٽ معاملو اطلاعات واري ڪميٽي جي دائري ۾ نٿو اچي، اهڙي وقت ۾ جڏهن انڪوائري ڪميٽي قائم ٿي چڪي هجي ته ڪميٽي پاران نيب چيئرمين جي طلبي مشڪلات پيدا ڪندي. هن تجويز ڏني ته جڏهن انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ ايندي ته ڪميٽي ان کانپوءِ ضروري سمجهي ته ان معاملي کي بحث هي?? آڻي.