اسلام آباد – 22 نومبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آه?? ته چئن مهينن جي وقفي کانپوءِ پهريون ??يرو ملڪ ۾ ڪورونا فوتگين جو انگ 50 کان وڌي ويو آهي، ڪالهه 59 ڪورونا مرض ۾ مبتلا ماڻهو فوت ٿيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته انتهائي ضروري آه?? ته قوم يڪجا ٿي ٻيهر احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري، ت?? جيئن اسان ماڻهن جي صحت جي به حفاظت ڪريون ۽ ماڻهن جي روزگار کي به بچائي سگهون.