اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي ڏس ۾ امداد?? سرگرمين کي ٺوس بڻائڻ جي لاءِ حليم عادل شيخ کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيف آرگنائيزر سيف الله نيازي ??اران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي ??ائب صدر کي سنڌ صوبي جي لاءِ فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي. هو سنڌ ۾ پارٽي جي علائقائي تنظيم سان گڏجي ڪورونا وبا ??ي ڏس ۾ امداد?? سرگرمين جي منصوبابندي، رابطي ۽ عملدرآمد جي ذميوار?? سرانجام ڏيندو.