اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پگهاردار، وچين ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن کي رعايتي اگهن تي ضرورت جون شيون فراهم ڪرڻ جي لاءِ 7 ارب رپين جو رليف پئڪيج باقاعده جاري ڪري ڇڏيو، رليف پئڪيج تحت سڄي ملڪ ?? قائم 4 هزار يوٽيلٽي اسٽورز تي سستيون شيون دستياب هونديون. وزيراعظم جي نائن مرڪز ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي دوري جي مو??عي تي رليف پئڪيج جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته حڪ??مت جلد غريب ماڻهن جي لاءِ راشن ڪارڊ اسڪيم جو پڻ اع??ان ڪندي جنهن تحت اهي يوٽيلٽي اسٽورز تان ماهوار 3 هزار رپين جون بنيادي ضرورت جون شيون حاصل ڪري سگهندا.