حويليان – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسلام کي پئسو ٺاهڻ جي لاءِ وڪرو ڪرڻ کان وڏو ٻيو ڪو ڏوهه نه آهي، ڊيزل ۽ ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شپ تي وڪامجندڙ دين جي نالي تي سياست ۽ ماڻهن کي گمراهه ڪري رهيو آهي، جيڪو جيترو وڏو ??ور آهي اهو ڪنٽينر تي چڙهي ايترو ئي وڌي?? گوڙ ڪري رهيو هو، اڄ آئون پنهنجي ڪرسيءَ جي لاءِ مڪ مڪا ڪري وٺان ته اهي سڀ آرام سان ويهي رهندا پر مون کي ووٽ جي نه پنهنجي آخرت جي فڪر آهي. اهڙ?? خيالن جو اظهار هن هزاره موٽروي فيز ٽو منصوبي تحت شاهه مقصود – م??نس??ره سيڪشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.