اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) دفاع واري وزير پرويز خٽڪ چيو آهي ته عمران خان منهنجو اڳواڻ آهي، آئون وزيراعظم جي خلاف ٿيڻ جو سوچي به نٿو سگهان. پ??رل??امينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي دفاع واري وزير چيو ته آئون ٽي وي ڏسي حيران رهجي ويس، مون گئس جي مسئلي تي ڳالهه ڪئي ۽ توانائي واري وزير سان ڳالهه ڪئي، اسان جو مقصد صو??ي ۾ گئس جي مسئلي جي حوالي سان هو. گئس جي اسڪيمن تي ڳالهه ڪئي ته اها رڪجڻ نه گهرجي، ??ن چيو ته آئون وزيراعظم جي خلاف نه آهيان ۽ نه ئي ٿي سگهان ٿو ۽ نه ئي ائين سوچي سگهان ٿو ان لاءِ اه??يو?? گمراهه ڪندڙ خبرون نه هلايون وڃن.