اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي انٽرنيشنل ميري ٽائم آرگنائي??يش?? (آءِ ايم او) جي ٿيندڙ چونڊن تي بريفنگ ڏني وئي. وفاقي وزير وزيراعظم کي عا??مي ميري ٽائم ٽرانسپورٽيشن بزنس ۾ پاڪستان جي لاءِ وڌ کان وڌ حصو حاصل ڪرڻ جي لاءِ آءِ ايم او ڪنوينشن دوران برطانيا، قطر، سع??دي عرب، ملائيشيا ۽ مالديپ جي ٽرانسپورٽ وارن وزيرن سان ٿيندڙ سائيڊ لائين ملاقاتن کان پڻ ??گا??ه ڪيو. وزيراعظم کي حڪومت جي سي فيئررز جي سهولت لاءِ قدمن، ڪورونا وبا دوران بهتر پاليسين جي ڪري بندرگاهن تي بهتر انتظام ۽ ڪراچي ۾ ڪراچي پورٽ جي ويڪسي نيشن مهم بابت مثبت تاثرن کان پڻ ??گا??ه ڪيو ويو. وزيراعظم عا??مي سامونڊي واپار ۾ پاڪستان جو ڪردار وڌائڻ جي لاءِ سامونڊي معاملن واري وزير جي ڪوششن کي ساراهيو.