اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جه??م جي بهادر فرزند ميجر محمد اڪرم شهيد (نشان حيدر) کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر محمد اڪرم شهيد حب الوطني جي جذبي، جنگي فهم ۽ فراست ۽ ??نس??ني حوصلن جو معراج هو. ميجر محمد اڪرم شهيد جي 50 هين شهادت جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ميجر محمد اڪرم شهيد 1971ع جي جنگ دوران اوڀر پاڪستان جي علائقي حلي جي محاذ ??ي سمورين مشڪلاتن جي باوجود دشمن جو عزم ۽ حوصلي سان مقابلو ڪيو ۽ 5 ڊسمبر 1971ع تي ڀارت جي خلاف بهادري سان وڙهندي شهادت ما??ي. هن چيو ته پوري قوم جه??م جي بهادر فرزند ميجر محمد اڪرم شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي، ملڪ ۽ قوم جي لاءِ سندس عظيم قرباني کي سدائين ياد رکيو ويندو.