اسلام آب??د ?? 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ زيتون جي پوک سان آبادگارن جي ترقي ۽ ملڪ کاڄرو تيل ۾ پاڻڀرو ٿيندو، خيبرپختونخوا ۾ سياحت جي فروغ لاءِ جاري ترقياتي منصوبن کي ??لد مڪمل ڪيو وڃي. هن ??ها هدايت خيبرپختونخوا ۾ جاري ترقياتي منصوبن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وزير علي امين ??نڊ??پور، خيبرپختونخوا جو گورنر شاهه فرمان، خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان، انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو صوبائي وزير عاطف خان به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته حڪومت ڏورانهن ??ياحتي ماڳن تائين پهچ ۽ معاشي سرگرمين کي ??يز ڪرڻ لاءِ صوبي ۾ انفرااسٽرڪچر جي منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي، وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخوا ۾ سياحت جي فروغ لاءِ جاري ترقياتي منصوبن کي ??لد مڪمل ڪيو وڃي، خيبرپختونخوا م زيتون جي پوک سان آبادگارن جي ترقي ۽ ملڪ کاڄرو تيل ۾ پاڻڀرو ٿيندو، اجلاس ۾ وزيراعظم کي ??يبرپختونخوا ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان کانسواءِ صوبي جي سياسي صورتحال، ايندڙ بلدياتي چونڊن ۽ پارٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن کي ??لد مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.