اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي هڪ خودمختيار، مستحڪم ۽ پرامن افغانستان جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد ڪري جڏهن ته وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته افغانستان بابت ڪيل ڪو??شن کي هم آهنگ ڪرڻ لاءِ خصوصي سيل قائم ڪيو وڃي. قومي سلامتي ڪميٽي جو 34 هون اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ افغانستان جي موجوده صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا جي لاڳاپيل ميمبرن، سمورن سروسز چيفس ۽ انٽيليجنس ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي علائقائي سلامتي جي صورتحال خاص طور تي افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ان جا پاڪستان تي امڪاني اثرن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، قومي سلامتي ڪميٽي هڪ خودمختيار پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڪميٽي جي شرڪت ڪندڙن افغانستان ۾ خراب انساني صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عالمي برادري انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد ڪري، اجلاس جي دوران افغانستان جي عبوري حڪومت سان تعميري، سياسي ۽ اقتصادي ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان عالمي رابطن جي اهميت تي روشني وڌي وئي. وزيراعظم عمران خان افغانستان مان عالمي انخلا جي ڪو??شن ۾ پاڪستان جي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پوري دنيا پاڪستان جي ان مثبت تعاون جو اعتراف ڪيو آهي. ڪميٽي جي ميمبرن خطي جي بدلجندڙ صورتحال کي انتهائي پيچيده قرار ڏيندي چيو ته افغانستان ۾ ڪنهن به قسم جي عدم استحڪام جا پاڪستان تي به شديد اثر پئج?? سگهن ٿا. ان نقطه نظر سان اتفاق ڪندي وزيراعظم ان ڏس ۾ جامع پاليسي ڪو??شن جي ضرورت تي زور ڏنو، هن هدايت ڪئي ته انساني امداد جي فراهمي ۽ پاڪستان ۾ ڪنهن قسم جي منفي اثرن کي روڪڻ ۽ موثر بارڊر مينيجمينٽ لاءِ هڪ مخصوص ??يل بڻايو وڃي ته جيئن افغانستان ۾ مختلف ڪو??شن کي هم آهگ ڪر?? سگهجي.