اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار ۽ پاڻي جي تحفظ لاءِ منصوبن تي وقت سر عملدرآمد لاءِ واپڊا جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.
وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم کي واپڊا جي نگراني هيٺ ڀاشا ۽ مهم??د ڊيمن سميت مختلف منصوبن تي ??ڳڀ??ائي کان آگاهه ??يو. وزيراعظم ملڪ ۾ بجلي جي پيداوار ۽ پاڻي جي تحفظ جي منصوبن تي وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ واپڊا جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ??يو.