اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سعودي عرب جي قيادت کي سعودي عرب جي قومي ڏهاڙي جي موقعي تي مبارڪباد ڏني آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ جي چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ چي?? آهي ته پاڪستان جي عوام پارليامينٽ ۽ حڪومت سعودي عرب جي عوام جي خوشين ۾ شريڪ آهي، قومي ڏينهن ڪنهن به ملڪ جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ هوندو آهي، پاڪستان ۽ سعودي عر?? جا ٻطرفا لاڳاپا تاريخي ۽ مثالي آهن، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي عوام جون دليون هڪٻئي سان گڏ ڌڙڪنديون آهن، سينيٽ جي چيئرمين چي?? ته گڏيل مذهبي، ثقافتي ۽ معاشرتي هڪجهڙائي پاڪستان ۽ سعودي عرب کي هڪٻئي جي ويجهو رکيو آهي. پاڪستان ۽ سعودي عرب ترقي ۽ خوشحالي جو گڏيل ويزن رکن ٿا ۽ ٻطرفي تعاون کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جا خواهشمند آهن. سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چي?? ته سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ دعاڳو آهيان. اعليٰ س??ح تي وفد جي مٽاسٽا سان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون جي هڪ نئين دور جو آغاز ٿيو آهي، سينيٽ جي چيئرمين سعودي عرب جي بادشاهه ۽ ولي عهد جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چي?? ته پاڪستان جي عوام سعودي عرب جي ڀائرن جي خوشين ۾ شريڪ آهي. پاڪستان ۽ سعودي عر?? جا لاڳاپا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ مضبوط کان مضبوط ٿي رهيا آهن. سينيٽ جي چيئرمين چي?? ته مذهبي ۽ ثقافتي هڪجهڙائي کانسواءِ امن ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل بصيرت، ٻطرفي لاڳاپن کي سگهه ڏئي ٿي.