اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) پا??لي??مينٽ جو گڏيل اجلاس 13 سيپٽمبر تي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان وزيراعظم جي پا??لي??ماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر ا??وا?? ملاقات ڪئي جنهن ۾ منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ مجلس شوريٰ پا??لي??مينٽ کي صدر جي خطاب، قانونسازي ۽ نئين پا??لي??ماني سال جي ڪلينڊر بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر بابر ا??وا?? چيو ته 13 سيپٽمبر تي پا??لي??مينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو ويندو جنهن کي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪندو. موجوده قومي اسيمبلي جي چوٿين پا??لي??ماني سال جي ش??وعات صدر جي خطاب سان ٿيندي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته موثر قانونسازي ذريعي ئي ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو ۽ عوام کي درپيش مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو. چوٿين پا??لي??ماني سال ۾ التوا ۾ پيل قانونن جي منظوري ۽ عوامي ڀلائي بابت قانون ترجيحي بنيادن تي منظوري جي لاءِ پيش ڪيا وڃن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته قومي اسيمبلي جي ٽئين پا??لي??ماني سال ۾ عوامي ڀلائي بابت ڪيترائي بلز منظور ڪيا ويا، بجيٽ ۽ عوامي اهميت وارن معاملن تي پڻ تفصيلي بحث ڪيو ويو. اسد قيصر چيو ته قومي اسيمبلي جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي جنهن جو ڪريڊٽ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن ڏانهن وڃي ٿو. بابر ا??وا?? چيو ته پا??لي??ماني سال جو ڪيلينڊر تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويندو.