اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڏوهن جي ر??ڪٿ??م لاءِ يونيورسل پاڪستان ايمرجنسي هيلپ لائين جاري ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گهرو وزارت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪ??يو??يڪيشن واري وزارت جي لاڳاپيل آفيسرن جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو جنهن ۾ يونيورسل پاڪستان ايمرجنسي هيلپ لائين (911) قائم ڪرڻ بابت وزيراعظم کي اپ ڊيٽ کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ گهرو وزير شيخ رشيد احمد، وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، گهرو سيڪريٽري، پاڪستان ٽيلي ڪ??يو??يڪشن ا??ار??ي جي چيئرمين، نادرا جي چيئرمين، اسلام آباد جي چيف ڪمشنر، ڊي جي نيشنل ٽيلي ڪ??يو??يڪشن ڪارپوريشن، ڊي جي نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بين الصوبائي رابطن سميت سمورو ضروري ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ آڪٽوبر 2021ع جي پهرين هفتي تائين هيلپ لائين باقاعده افتتاح جي لاءِ تيار هوندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي ملڪ ۾ ڏوهن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ جلد کان جلد سروس شروع ڪرڻ ۾ سمورين رڪاوٽن کي ختم ڪن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ماڻهن جي جا?? ۽ ??ال جو تحفظ حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ان هيلپ لائين جاري ڪرڻ سان ملڪ ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ ۾ م??د ملندي ڇو ته ڏوهن جي خلاف وقت سر ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهبي.