اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين رحيم يار خان ۾ گنيش مندر واقعي جي مذمت ڪندي چيو آ??ي ته گنيش مندر کي هڪ گروه نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي، هندو برادري جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪندڙ ماڻهن کي قر??ر واقعي سزا ملڻ گهرجي، پاڪستان هندستان نه آهي، هتي ڪير فاشٽ آئيڊيالاجي حڪمراني نٿي ڪري سگهي، پاڪستان جي جهنڊي ۾ موجود ٻنهي رنگن جي حرمت اسان تي ف??ض آهي. رحيم يار خان ۾ گنيش مندر واقعي جي باري ۾ ڳالهائيندي وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم ۽ چيف جسٽس اف پاڪستان ان معاملي جو ذاتي طور تي نوٽيس ورتو آ??ي، هن واضح ڪيو ته پاڪستان جي جهنڊي ۾ موجود ٻنهي رنگن جي حرمت اسان تي ف??ض آهي، اسان جي لاءِ سفيد رنگ به ايتري ئي حرمت رکندڙ آهي جيتري حرمت سائي رنگ جي آهي. سفيد رنگ پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتن جي حقن جي نشاندهي ڪري ٿو. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم پاڪستان سياسي ۽ فوجي قيادت ۽ عدالتون هڪ ترقي پسند ملڪ جي لاءِ پاڪستان جي ان آئين کي تسلم ڪن ٿيون جنهن ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ جو واعدو ڪيو ويو آ??ي، هن چيو ته اسان کي پاڪستاني ڀائرن کي نسل، رنگ يا عقيدي جي بنياد تي نشانو بڻائيندڙ عنصرن جي خلاف اٿي بيهڻ گهرجي، وف??قي وزير چيو ته انشاءُ الله پاڪستان جو مستقبل هڪ اهڙو ترقي پسند ملڪ آهي جتي اقليتون مڪم?? طور تي محفوظ هجن.