اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دهشتگردي جو ڪنهن مذهب سان تعلق نه آهي، سوشل ميڊيا تي نفرت پکيڙيندڙ مواد سان ا??سا??ن کي ورهايو پيو وڃي، اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي ڏس ۾ عالمي اڳواڻ ص??رتحال جي سنگيني جو احساس ۽ نفرت پکيڙيندر ويب سائيٽس جي خلاف عالمي سطح تي ڪارروائي ڪن، سوشل ميڊيا جي ذريعي نفرت پکيڙڻ جي اجازت نه هجڻ گهرجي، اظهار راءِ جي آزادي جي حد ا??ست??ئين آهي ج??ست??ئين ٻيو ا??سا?? ان کان مجروح نه ٿئي، ڏاڙهي ۽ حجاب کي لبرل ڊيموڪريسي ۾ ڪو مسئلو نه هجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن لنڊن انٽاريو ۾ مسلمانن کي نشانو بڻائڻ ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن جي حوالي سان ڪينيڊين براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (سي بي سي) کي هڪ انٽرويو ۾ ڪيو.