اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري ??مل??تي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان ع??لي قدمن سان وزيراعظم عمران خان گلوبل ليڊر جي طور تي سامهون آيو آهي، هڪ ارب وڻ لڳائڻ جو چئلينج پورو ڪرڻ کانپوءِ هاڻي 10 ارب وڻ لڳائڻ جو چئلينج به پورو ڪنداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ??مل??تي وزير فرخ حبيب چيو ته هن سال عالمي ماحولياتي ڏينهن جي ميزباني به پاڪستان ڪري رهيو آهي، هن چيو ته گرين ڊپلوميسي دنيا سان لاڳاپن جا نوان رستا ٺاهي رهي آهي، پاڪستان ۾ ڪلين انرجي ۽ ڊيمز ٺاهڻ جي لاءِ پهرين 500 ملين ڊالرز گرين يورو بانڊ فنانسنگ به منظور ٿي چڪي آهي، ورلڊ اڪنامڪ ??ور??، بون چئلينج سميت عالمي ماحولياتي ??ور??ز پاڪستان جي پذيرائي ڪري رهيا آهن.