اسلام آباد – 20 – جنوري (ا?? پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ليبيا سان پنهنجي ويجهي ۽ ڀائراڻ?? لاڳاپن جو وڏو قدر ڪري ٿو ۽ گ??يل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرف?? لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ليبيا ۾ پاڪستان جي نامزد سفير ميجر جنرل (ر) رشاد جاويد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. صدر عارف علوي چيو ته پاڪستان ليبيا سان گ??يل دلچسپي جي شعبن ۾ ٻطرف?? لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، نامزد سفير ليبيا سان واپار?? لاڳاپن ۾ بهتري ۽ اتي رهندڙ پاڪستانين جي ڀلائي ۽ ترق?? لاءِ ڪم ڪري.