اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي ڪرسمس جي موقعي تي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته بين المذاهب هم آهنگي جي لاءِ حڪومت ق??م کڻي رهي آهي. ان جو مقصد اهو آهي ته قيام پاڪستان تي رکيل بنياد موجب سمورين اقليتن کي برابر حق فراهم هجن. ذات، پات يا مذهب جي بنياد تي ڪو به تعصب نه هجي. ڪرسمس جي موقعي تي مسيحي برادري جي نالي پنهنجي پيغام ۾ وفا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اسان جي حڪومت انهي سوچ کي فروغ ڏئي عوام جي ترقي ۽ هڪجهڙن موقعن فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي، هن چيو ته مسيحي برادري جو ملڪ جي ترقي ۾ ڪردار رهيو آهي، اسان ان جو اعتراف ڪريون ٿا، آئنده به اهڙو ماحول پيدا ڪنداسين جنهن سان انهن جو اح??اس تحفظ ??رقرار ۽ اڳتي وڌڻ جا موقعا ملندا رهن.