شهباز شريف عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو: شبلي فراز

image
APP38-28 ISLAMABAD: September 28 - Federal Minister for Information and Broadcasting, Shibli Faraz along with Special Assistant to PM on Interior and Accountability Shahzad Akbar addresses press conference. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 28 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته شهباز شريف جي گرفتاري جو هڪ سبب غيرقانوني اثاثا ڪيس ۾ عدالت کي مطمئن نه ڪرڻ آهي، نواز شريف به اهڙي طرح غيرقانوني اثاثن جي ڪيس ۾ عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو هو، ماضي ۾ صحت جي بنياد تي نواز شريف کي ضمانت ڏيندڙ عدالتون تمام سٺيون هيون ۽ جيڪي عدالتون خلاف فيصلو ڏين انهن بابت ڳٺ جوڙ جو تاثر ڏنو وڃي ٿو، اهو توهين عدالت جي زمري ۾ اچي ٿو، نواز شريف ۽ شهباز شريف اڄ تائين هڪ سوال جو جواب ناهي ڏنو. هو پي آءِ ڊي ۾ گهرو احتساب ۽ معاملن واري صلاحڪار بئريسٽر شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو.

مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں