چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبو نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه هموار ڪندو: صدر

image
APP63-23 ISLAMABAD: July 23 - President Dr. Arif Alvi addressing a webinar on CPEC and its impact in the region in wake of COVID-19 at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبو نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي راهه هموار ڪندو، افغانستان ۾ امن ۽ نئين سر تعمير جي پيش نظر سي پيڪ جي اهميت وڌيڪ وڌي وئي آهي، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ وڌندڙ تعاون ٻنهي ملڪن جي مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي آهي. هو ڪراچي ڪائونسل براءِ پرڏيهي لاڳاپن جي اهتمام هيٺ سي پيڪ پرويبينار کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم جو خاص مددگار ۽ سي پيڪ اٿارٽي جو چيئرمين لفيٽننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، پاڪستان ۾ چين جو سفير يائو جنگ ۽ ڪراچي ڪائونسل آف فار رليشنز اڪرام سهگل به خطاب ڪيو.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان