اسلام آباد- 29 ڊسمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري، ڏکڻ ڪوريا ۾ ايئرپورٽ تي مسافر جهاز جي حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر پريس ونگ مان جاري تعزيتي بيان ۾ صدر مملڪت، ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت ۽ عوام سان افسوس جو اظهار ڪيو ۽ واقعي ۾ قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي پوئينرن سان همدردي جو اظهار ڪيو آهي.