احمد فراز انسانيت جو پيغام ڏنو ۽ مظلوم قوم جي حق ۾ آواز بلند ڪيو: شبلي فراز

image
APP70-120121 ISLAMABAD: January 12 – Senator Shibli Faraz, Federal Minister for Information and Broadcasting addressing Ahmad Faraz National Literary Seminar on the occasion of 90th birthday of renowned Poet Ahmed Faraz. APP

اسلام آباد – 12 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته احمد فراز انسانيت جو پيغام ڏنو ۽ مظلوم قوم جي حق ۾ آواز بلند ڪيو، هو هڪ اصول پسند شاعر هو، ڪڏهن پنهنجي نظرين ۽ آدرش کان پٺتي نه هٽيو، هن پنهنجي سوچ عوام تائين پهچائي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڪيڊمي آف ادبيات پاڪستان ۽ احمد فراز ٽرسٽ جي اهتمام هيٺ اردو جي عهد ساز شاعر احمد فراز جي 90 هين سالگرهه جي مناسبت سان منعقد ”احمد فراز قومي ادبي سيمينار“ کي خاص مهمان جي حيثيت خان خطاب ڪندي ڪيو. سينيٽر شبلي فراز چيو ته احمد فراز هڪ بااصول انسان هو، هو ڪڏهن پنهنجي نظرين ۽ آدرش تان پٺتي نه هٽيو، هن مظلوم ڪشميري ۽ فلسطيني قوم جي لاءِ شاعري جي صورت ۾ جدوجهد ڪئي، هو محبت ۽ انسانيت جو شاعر هو، هو پاڪستان پاران محبت ۽ دوستي جو سفير هو.

مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada