ٽوڪيو -23 آڪٽوبر (اي پي پي) جاپان جي پرڏيهي وزير غزه پٽي ۾ بگڙجندڙ انساني صورتحال کي روڪڻ جي ارادي سان عالمي سطح تي گڏيل ڪوششون ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. جاپان جي خابرو اداري مطابق مصر جي ميزباني ۾ ٿيندڙ قاهره امن ڪانفرنس ۾ جاپان جي پرڏيهي وزير چيو ته هڪ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي ته غزه ۾ عوام لاءِ وڌ کان وڌ امدادي سامان پهچايو وڃي ۽ اتي موجود پرڏيهين کي مصر منتقل ڪيو وڃي. هن شرڪت ڪندڙن تي زور ڀريو ته غزه ۾ ماڻهن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ طاقت ۽ حڪمت کي گڏائين ۽ خطي ۾ جٽادار امن ۽ استحڪام لاءِ صورتحال جي شدت ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن. هن نشاندهي ڪئي ته جاپان فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل لاءِ پنهنجي اڻٽٽ حمايت تي قائم آهي جنهن ۾ فلسطين جي آزاد رياست قائم ٿئي ۽ اسرائيل سان گڏيل بقا ۽ امن ۽ محفوظ طريقي سان رهي سگهي. هن غزه جي رهواسين لاءِ هڪ ڪروڙ ڊالرن جي هنگامي انساني امداد فراهم ڪرڻ جي جاپان حڪومت جي منصوبن جو اعلان پڻ ڪيو.