وزير چوڌري فواد حسين پاران سيڙپڪاري بورڊ جو دورو

image
APP05-291221 ISLAMABAD: December 29 - Federal Minister for Information & Broadcasting Fawad Chaudhry visiting Board of Investment and met the Minister of State & Chairman BOI, Muhammad Azfar Ahsan and Secretary BOI Ms. Fareena Mazhar. APP

اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سيڙپڪاري بورڊ جو دورو ڪيو، سيڙپڪاري بورڊ آمد تي مملڪتي وزير ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين محمد اظفر احسن ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي سيڪريٽري فارينه مظهر اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير جو استقبال ڪيو، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير کي سيڙپڪاري بورڊ جي ڪارڪردگي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ سيڙپڪاري بورڊ پاران متعارف ڪرايل سڌارن کان آگاهه ڪيو ويو، ان موقعي تي سيڙپڪاري بورڊ پاران ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن کي وڌيڪ سهولت فراهم ڪرڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي، چوڌري فواد حسين سيڙپڪاري بورڊ جي ڪارڪردگي کي ساراهندي چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت سيڙپڪاري بورڊ سان ڀرپور تعاون ڪندي.

مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena