راولپنڊي-02 جنوري (اي پي پي) 9 مئي 2023ع واري سانحي جي 19 ڏوها??ين جي سزائن ۾ معافي جو اعلان ڪيو ويو آهي. سزائن تي عملدرآمد دوران ڏوها??ين قانوني حق استعمال ڪندي رحم ۽ معافي جون درخواستون داخل ڪيو?? هيون، پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب گڏيل طور تي 67 ڏوها??ين رحم جون درخواستون داخل ڪيو?? هيون، 48 درخواستن کي قانوني ڪارروائي لاءِ ڪورٽس آف اپيل ۾ نظرثاني لاءِ موڪليو ويو، 19 ڏها??ين جي درخواستن کي انساني بنيادن تي قانون موجب منظور ڪيو ويو آهي. داخل ڪيل رحم وا??ين درخواستن تي عملدرآمد مقرر مدي ۾ قانون موجب ڪيو ويندو. ڏوها??ين کي ب??ضابطه ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ آزاد ڪيو پيو وڃي، سمورن ڏوها??ين وٽ اپيل ڪرڻ ۽ قانون ۽ آئين موجب ٻيا قانوني حق برقرار آهن. واضح رهي ته ان کان اڳ اپريل 2024ع ۾ قانون موجب انساني همدردي جي بنياد تي 20 ڏوها??ين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.