اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ۽ پاڪستان ۾ بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر اقبال حسين خان جي وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ميڊيا تعاون ۽ عوامي سطح تي را??طن کي فروغ ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ نشريات و??ري وزارت ?? ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين گڏيل تاريخي بيانيي ۽ ثقافتي قدرن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ بهتر حصيد??ري تي ڌيان ڏنو جيڪا افهام ۽ تفهيم کي سگهه ڏي ٿي. اطلاعات و??ري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ پراڻا سفارتي ۽ ثقافتي لاڳاپا موجود آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي مختلف شعبن ۾ تعاون جي گڏيل تاريخ آهي. هن پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ۽ ريڊيو پاڪستان سميت رياستي ميڊيا ادارن جي پنهنجي بنگلاديشي هم منصب ادارن سان گڏيل پروڊڪشن ۽ خبرن جي مٽاسٽا جي شعبن ۾ حصيد??ري تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته صحافين جي مٽاسٽا جو پروگرام پاڪستان ۽ بنگلاديش جي ميڊيا پرسنز کي مختلف معام??ن تي هڪ ٻئي جي موقف ۽ بيانيي بابت بهتر طور تي ڄاڻڻ جو موقعو فراهم ڪري سگهي ٿو. بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر اقبال حسين خان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون جي حوصلا افزائي جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي قدمن کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي عوام کي ڀاءُ قرار ڏيندي چيو ته گڏيل تعاون جي پروگرامن جي ذريعي انهن جو رابطو ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻيندو. ٻنهي ڌرين بنگلاديشي ڪيبل نيٽ ور??س تي پاڪستاني خبرن ۽ تفريحي چينلز جي دستيابي کي وڌائڻ ۽ فلم فيسٽيول ۽ فوٽوگرافي جون نمائشون منعقد ڪرڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.