اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 17 هزار 300??ڪي??سڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 18 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 11 هزار 500??ڪي??سڪ ۽ هيٺاهون وهڪرو 11 هزار 100??ڪي??سڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو هيٺانهون وهڪرو 15 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 15 هزار 800??ڪي??سڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 6 هزار 500??ڪي??سڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 4 هزار ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 5 هزار 300??ڪي??سڪ۽هيٺانهون وهڪرو هڪ هزار 700??ڪي??سڪ آهي.??تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1470.76 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 1.873 ملين ايڪڙ فو?? آهي.??منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1132.15 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فو?? ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 1.077 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.??چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فو??، پاڻي جي موجوده سطح 639.30 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فو?? ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.017 ملين ايڪڙ فو?? آهي.
شام جي خودمختياري جا حامي آهيون، ان کي دهشتگردي جي پناهه گاهه نه بڻجڻ گهُرجي: ايران
تهران -24 ڊسمبر (اي پي پي) ايران شام جي خودمختياري لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءٌ ڪندي چيو آهي ته ان کي دهشتگردي جي پناهه گاهه نه بڻجڻ گهُرجي.پرڏيهي ميڊيا موجب ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته شام جي باري ۾ اسان جو موقف بلڪل واضح آهي. ان جي خودمختياري ۽ سلامتي جو تحفظ ۽ اندروني مداخلت بنا شام جي عوام جي مستقبل جو فيصلو ٿيڻ گهرجي.