اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آه?? ته قائداعظم محمدعلي جناح ناممڪن کي ممڪن بڻايو، سندس اڻٿڪ محنت عيوض اسان کي پيارو وطن پاڪستان مليو، قائداعظم گهڻين صلاحيتن جو مالڪ هو جيڪو اتحاد، انصاف ۽ مساوات تي گهرو يقين رکندو هو، پاڪستاني جي حيثيت سان اسان جو فرض آه?? ته اسان پنهنجي قوم جي ترقي، خوشحا??ي ۽ اتحاد لاءِ اڻٿڪ محنت ڪريون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب قائداعظم محمدعلي جناح جي 148هين جنم ڏڻ تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ اسان پاڪستان جي باني جو 148هون جنم ڏڻ ملهائي رهيا آه??ون ۽ ان جي غير معمولي بصيرت، پُختي اِرادي ?? همت ۽ بي مثال عزم جي ياد تازي ڪري رهيا آه??ون. هن چيو ته قائداعظم اهو ڪري ڏيکاريو جنهن کي ڪيترائي ماڻهو ناممڪن سمجهندا هئا، سندس اڻٿڪ محنت عيوض اسان جو وطن پاڪستان وجود ۾ آيو، قائداعظم نادر صلاحيتن جو مالڪ ۽ اتحاد، انصاف ۽ مساوات تي پختو يقين رکندو هو. هن چيو ته سندس زندگي اڻ ڳڻ ماڻهن کي هڪ روشن خيال استاد، بصيرت رکندڙ وڪيل، اصو??ي ۽ ثابت قدم سياستدان ۽ ڪرشماتي اڳواڻ طور تي متاثر ڪندي آئي آه??. قائداعظم جي جدوجهد جو سفر يقين جي طاقت ۽ محنت ۽ لڳن ذريعي خوابن جي تعبير جو ثبوت آه??. قائداعظم هڪ ڀيرو چيو هو ته ”ناڪامي مون لاءِ اڻڄاڻ لفظ آه??.“ پنهنجي لفظن مطابق هن پنهنجي عزم جي پيروي ڪئي ۽ ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي مسلمانن کي هڪ قوم بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ان لاءِ سندس حتمي مقصد جي حاصل ڪرڻ آڏو عنوانن ۽ تعريف جي حيثيت ثانوي آه??. هن چيو ته قائداعظم هڪ اهڙي پاڪستان جو خواب ڏٺو جتي بنا ڪنهن فرق جي مذهب ۽ نسل هر شهري عزت، آزادي ?? مساوي جي موقعن سان زندگي بسر ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان لاءِ سندس ويزن شموليت، اتحاد ۽ خوشحالي جو هو. جڏهن اسان سندس سالگره جو ڏينهن ملهائي رهيا آه??ون ته اچو قائداعظم جي ميراث مان سبق حاصل ڪريون ۽ انهن قدرن لاءِ پنهنجي وابستگي جو ورجاءُ ڪريون جن لاءِ قائداعظم جدوجهد ڪئي. پاڪستاني طور اسان جو اهو فرض آه?? ته اسان پنهنجي قوم جي ترقي، خوشحا??ي ۽ اتحاد لاءِ اڻٿڪ محنت ڪريون.