اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪجهه شرطن سان لاڪ ڊائون کي آهستي آهستي کوليو ويندو ڇو ته اسان کي پنهنجي عوام کي ڪورونا کان به بچائڻو آهي ۽ بيروزگاري ۽ بک وگهي مرڻ کان به بچائڻو آهي، هن مشڪل وقت ۾ رضاڪار ٽائيگر فورس جو ??ردار اهم حيثيت رکي ٿو، اها فورس ايس او پيز تي ع??لد??آمد ڪرائڻ، عوام ۾ آگاهي ۽ شعور پيدا ڪرڻ ۽ حڪومتي پاليسين کي لاڳو ڪرڻ ۾ ضلعي انتظاميا جي مدد ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورونا رليف ٽائيگر فورس جي رضاڪارن کي خط??ب ڪندي ڪيو.