اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ??ان چين جي سفير يائو جنگ پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صو??تحال کانسواءِ خطي، علائقائي ۽ عالمي نوعيت جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صو??تحال تي چين جي سفير يڪجهتي جو اظهار ڪندي چين جي حڪومت طرفان هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته ڪورونا وائرس سبب درپيش مسئلي تي چين پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي، سينيٽ چيئرمين چين جي ماهرن جي وفد جي تازي دوري کي انتهائي م??يد قرار ڏنو ۽ چيو ته ماهرن ۽ ميڊيڪل پروفيشنلز پاڪستان جي طبي ماهرن ۽ عملي کي پنهنجي تجربن ک??ن آگاهه ڪيو جنهن سان پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس تي ض??بط?? آڻن ۾ مدد ملندي.