اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ز??عي شعبي ۾ هدف حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ بين الصوبائي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ننڍن آبادگارن کي سهولتن جي فراهمي ۾ مقامي سطح تي زراعت کي فروغ، غربت جي خاتمي ۽ معاشي صورتحال کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، ننڍن آبادگارن کي سموريون ممڪن سهولتن جي فراهمي موجوده حڪومت جي او??ين ترجيحن ۾ شامل آهي، وزيراعظم اها ڳالهه ملڪ ۾ ز??عي پيداوار خاص طور تي ننڍن آبادگارن کي سهولتون ۽ آسانيون فراهم ڪرڻ جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صد??رت ڪندي چئي.