اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف ڪوئيٽا ۾ بجلي جي بندش جي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي صوبائي گادي واري شهر ۾ بجلي جي فراهمي فوري بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مح??د شهباز شريف بجلي واري وزا??ت کي هدايت ڪئي آهي ته ڪوئيٽا ۾ بجلي بحال ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن ۽ عوام جي مشڪلاتن ۽ شڪايتن جو ازالو ڪيو وڃي.